ڊاڪٽر فريدالدين بقائي

ڊاڪٽر فريدالدين بقائي

بقائي ڊاڪٽر فريدالدين

بقائي، ڊاڪٽر فريدالدين: پاڪستان جي خانگي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو باني 15 آڪٽوبر 1935ع تي دهليءَ ۾ ڄائو. هن جو پيءُ ٽي. بيءَ جي مرض وگهي گذاري ويو. والده جي نگرانيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ آيو. پنهنجي ڪئريئر جو آغاز پوسٽ آفيس جي سامهون ويهي خط لکڻ سان شروع ڪيائين. تعليم جو سلسلو جاري رکيائين. 1950ع ۾ ڪراچي بورڊ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1952ع ۾ انٽرميڊيئيٽ ڪيائين. 1958ع ۾ ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس ڪري اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو. اتان 1965ع ۾ ايف. آر. سي. ايس ڪري وطن موٽيو. 1967ع ۾ انٽرنئشنل ڪاليج آف سرجري شڪاگو مان ايف. آءِ. سي. ايس ڪيائين. 1976ع ۾ بقائي فائونڊيشن قائم ڪيائين. پنهنجي زال ڊاڪٽر زاهده بقائيءَ جي تعاون سان بقائي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌائين. 1993ع ۾ ايف. سي. پي. ايس ڪيائين. 1997ع ۾ بقائي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ۽ سرجريءَ جي شعبي جو چئرمئن مقرر ٿيو. هو 10 جولاءِ 2017ع تي گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.10.15  عيسوي

ڊاڪٽر فريدالدين بقائي، 15 آڪٽوبر 1935ع تي دهليءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد ميان سومرو
ڀڳت چنديرام
دليپ ڪوٺارِي
اعتبار علي جاگيراڻي
خواجه محمد طاهر بخشي نقشبندي
جمعو فقير 2
پير محمد هالائي
ٻاٻيهو
جي جي مور
سيد عبداللطيف بخاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون